ڊاڪٽر اسلم فرخي

ڊاڪٽر اسلم فرخي

اسلم فرخي ڊاڪٽر

اسلم فرخي، ڊاڪٽر: مشھور اديب، شاعر، محقق، ٻولي ماهر، اسڪالر ۽ براڊ ڪاسٽر ڊاڪٽر اسلم فرخيءَ 23 آڪٽوبر 1923ع تي لکنؤ (هندستان) ۾ علمي ادبي خاندان ۾ جنم ورتو. سندس ’فرخي‘ لقب فرخ آباد شھر جي ڪري پيو. ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان پاڪستان لڏي آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. ڊاڪٽر اسلم فرخيءَ جي هڪ وڏي سڃاڻپ ٻارڙن لاءِ لکڻ جي حوالي سان به هئي. هن ٻارن لاءِ تمام گهڻو ادب لکيو. سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائڻ سان گڏ هو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اردو شعبي ۾ پروفيسر ۽ شعبي جو چيئرمين به ٿي رهيو. ان سان گڏ ڪراچي يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار پڻ رهيو. ڇھن سالن تائين ريڊيو پاڪستان سان به لاڳاپيل رهيو. هِن محمد حسين آزاد جي زندگي ۽ ڪم تي تحقيقي مقالو لکي Ph.D جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس اهم ڪتابن ۾: (1) محمد حسين آزاد: حيات و تصنيف، (2) گلدستهء احباب، (3) آنگن مين ستاري، (4) فريد و فردِ فريد، (5) دبستانِ نظام، (6) بچون ڪي سلطان جي، (7) بچون ڪي رنگا رنگ امير خسرو شامل آهن. سندس ايڊٽ ڪيل ڪتابن ۾ (1) تذڪره گلشن هميشه بھار، (2) چاند بيبي سلطانه، (3) قتيل و غالب (ليکڪ: اسد علي انوري)، (4) نارنگِ خيال (ليکڪ: محمد حسين آزاد)، (5) قصص هند (ليکڪ: محمد حسين آزاد)، (6) موسم بھار جيسي لوگ، (7) سات آسمان، ( لال سبز ڪبوتر (9) رونق بزمِ جھان ۽ ٻيا شامل آهن. سندس خدمتن جي مڃتا طور 2009ع ۾ کيس حُسنِ ڪارڪردگيءَ جي صدارتي اوارڊ سان نوازيو ويو. 15 جون 2016ع تي گلشنِ اقبال ڪراچي ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ آصف فرخي به اردو جو سٺو ليکڪ ٿي گذريو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.10.23  عيسوي

ناليواري اديب ، شاعر ، محقق ، ٻولي ماهر ، اسڪالر ۽ براڊ ڪاسٽر ڊاڪٽر اسلم فرخيءَ 23 آڪٽوبر 1923ع تي لکنؤ ( هندستان ) ۾ علمي ادبي خاندان ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد مجاهد چانڊيو
حنيف ساگر بڙدي
ثابت بن قيس
سليم ناصر
چاڳلي (مائي چاڳلي)
خان محمد بروهي 2
ڀانيرا بابا پيارا سنگهه
امداد الله انڙ
اشرف شاهه ڪامارائي
جي ايم ڀڳت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون